رسول آباد مسجد

رسول آباد مسجد (ماڳ): هيءَ مسجد دادو- موري روڊ تي تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. مسجد اسلامي دؤر جي اڏاوتي يادگار آهي. مسجد ۾ نماز لاءِ ننڍو حجرو آهي. ان جو در ونگائو آهي. مسجد جي ڏکڻ- اولهه واري ڪنڊ تي هڪ خوبصورت منارو به ٺهيل آهي، جنهن جا پنج طبق آهن. اهو منارو اٺ ڪنڊو آهي. مناري جي مٿان چوٽيءَ تي ونگن سان ننڍا دروازا آهن. ڇت جي مٿان ٺهيل گنبذ گول آهي، جنهن جي مٿان ڪلسو ڏنل آهي. مسجد جي مناري جو هيٺيون طبقو ٻين چئن طبقن کان وڏو آهي. هيءُ مسجد رٿ ۾ خوبصورت ڏيک ڏئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو